احمد علي خان

احمد علي خان

احمد علي خان

احمد علي خان: ناميارو صحافي، سندس صحافت جو تجربو 55 سالن تي محيط رهيو. ۽ هو ”ڊان“ توڙي سڄي ملڪ ۾ سڀ کان سينيئر صحافي هو. ”ڊان“ دهليءَ ۾، ڪم ڪرڻ کان پوءِ هن 3 آگسٽ 1947ع کان مئي 1949ع تائين ”ڊان“ ڪراچيءَ ۾ سينيئر اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. آگسٽ 1962ع ڌاري ڪالم نگار ۽ ليڊ رائٽر طور ٻيهر ”ڊان“ ۾ موٽي آيو. ان کان اڳ هن ”پاڪستان ٽائيمس“ ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. فيبروري 1973ع ۾ کيس ”ڊان“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 25 سالن کان پوءِ 4 فيبروري 1988ع تي کيس ”ڊان“ جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.
احمد علي خان جي ادارت هيٺ ”ڊان“ جي پروقار روايتن ۽ پڙهندڙن ۾ وڏو واڌارو ٿيو. ايمانداري، غيرجانبداري ۽ ديانتداري، احمد علي خان جي صحافت جون خصوصيتون رهيون. 3 مارچ 2000ع تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس وفات 14 مارچ 2007ع تي ٿي.


لفظ احمد علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2007.03.14  عيسوي

ايمانداري ، غيرجانبداري ۽ ديانتداري ، احمد علي خان جي صحافت جون خصوصيتون رهيون . 3 مارچ 2000ع تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيو . سندس وفات 14 مارچ 2007ع تي ٿي .



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهورايو بوزدار
الطاف حسين قريشي
حسام سومرو
عبدالرحمان قاضي1
اسلم چنا
تيرٿ گوبندرام سڀاڻي
احمد علي خان
ابوبڪر خان مگسي
خانزادو سميع الوري
اظهار سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون